اسحاق جمالي ڊاڪٽر

اسحاق جمالي، ڊاڪٽر: استاد ۽ محقق ڊاڪٽر محمد اسحاق ولد محمود خان جمالي، 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيو سعيد آباد موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو. ابتدائي تعليم ڳوٺ مان حاصل ڪري، مئٽرڪ هاءِ اسڪول بکر جماليءَ مان ڪيائين. گريجوئيشن جامعه مليه ڪاليج ملير ڪراچيءَ مان ۽ ايم.اي سنڌي فرسٽ ڪلاس فرسٽ پوزيشن سان ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1989ع ۾ ڪيائين. سچل سرمست هاءِ اسڪول پپري ڪراچيءَ ۾ چار سال پڙهائڻ بعد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري 1990ع ۾ تعليم کاتي ۾، نيو علي ڳڙهه ڪاليج ٽنڊي آدم ۾ سنڌيءَ جو ليڪچرر مقرر ٿيو. 1996ع کان 2013ع تائين گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج قاسم آباد ۾ ليڪچرر ۽ اسسٽنٽ پروفيسر ٿي رهيو. سنڌي شعبي سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان 2008ع ۾ ”سنڌي شاعري جي فن ۽ فڪر جو تحقيقي اڀياس“ (برطانوي دؤر 1843ع-1947ع) عنوان تي تحقيقي مقالو لکي پي.ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 2013ع ۾ ترقي ماڻڻ بعد سنڌ مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر ٿي رهيو. 2016ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوابشاهه ۾ پرنسپال ٿي رهيو. 2016ع کان 2022ع تائين گورنمينٽ سروري اسلاميه ڊگري ڪاليج هالا ۾ پرنسپال ٿي رهيو. ان دؤران گورنمينٽ شاهه ولي الله اورينٽل ڪاليج منصوره جي پرنسپال طور اضافي ذميواري به سندس حوالي رهي. 2022ع ۾ پروفيسر (BPS-20) طور گورنمينٽ سنڌ ڪامرس ڪاليج حيدرآباد ۾ خدمتون انجام ڏيئي رهيو آهي. سندس ادبي ۽ تحقيقي مضمون ٽماهي ’مھراڻ‘، ’نئين زندگي‘ ۽ ’سنڌي ٻولي جرنل‘ ۾ ڇپجندا رهيا آهن. پاڻ سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ آرٽس فئڪلٽيءَ جي بورڊ آف اسٽڊيز جو ميمبر ۽ سنڌي شعبي پاران ڇپجندڙ تحقيقي ’جرنل ڪينجهر‘ ۽ ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جي رويو ڪميٽي جو ميمبر به رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1962.12.20  عيسوي

ڊاڪٽر اسحاق جمالي 20 ڊسمبر 1962ع تي ڳوٺ غلام علي جمالي، تعلقي نيو سعيد آباد موجوده ضلعي مٽياريءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

رحمت مائي
پير حاجي نظر محمد شاهه جيلاني
اسدالله ڀٽو پروفيسر
پوراني ميرڪ سيد تقي الدين محمد
پير پاڳارا خاندان
تاج بانو براهوئي
احسان علي شاهه
بالاچ گرگيج
حسين ساريو
شرمين عبيد چناءِ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون